انڙ فقير رسول بخش

انڙ فقير رسول بخش

فقير رسول بخش انڙ

فقير رسول بخش انڙ:رسول بخش انڙ'> فقير رسول بخش انڙ قاضي احمد شهر، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان مشهور هو، هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا ۽ پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا، انهيءَ تعلق جي ڪري سردار رسول بخش انڙ جي خاندان کي سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان ڪليدي حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ 1937ع ۾ سنڌ جي پهرين اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهرين 1933ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيدنٽ پڻ رهيو، رئيس فقير رسول بخش انڙ 1940ع ڌاري حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو. رسول بخش انڙ جو نالو ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن 1942ع ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر ڊيوس (Davis) سان سندس تڪرار ٿيو. ان دوران هي پهريون شخص هو، جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو، سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن، امام بخش'>رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي بغاوت، قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. ان وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه هڪ ضلعو هئا، پر جنهن به شهر ۾ فقير صاحب جي شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اصل ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش جي طاقت ۽ اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا پر رئيس چيف ڪورٽ مان باعزت بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر محمد علي جناح ڪئي. 1950ع ڌاري سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداري لقب هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. ٽي چار ڀيرا پنهنجن هارين جا قرض معاف ڪيائين. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. وٿاڻن ۾ بيٺل جانور، غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائين. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي. سندس سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان تعلقات هئا، پر سائين جي. ايم. سيد سان گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هـئـس، جـنـهـن جـو ذڪـر سـائـيـن جـي. ايـم. سـيـد پـنـهـنـجـي ڪـتـاب ”جن سين'>جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي. 1970ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو، جيڪو هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن آهي. سردار ڄام تماچي پڻ پنهنجي والد جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ۾ اڳڀرو آهي. رئيس فقير رسول بخش انڙ 1980ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1901  عيسوي

فقير رسول بخش انڙ قاضي احمد شهر ، ضلعي نوابشاهه ( هاڻي بينظير آباد ) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو


00.00.1980  عيسوي

رئيس فقير رسول بخش انڙ 1980ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد جمال پلي ڊاڪٽر
شير محمد راهوجو
درس ظهورالحسن مولانا
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
رهندو مل هسيجا
حاجي علي شاهه هنڱورو
شهناز شيخ
شيخ سليمان سيفي سنڌي
تيرٿ وسنت
درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون